ڳئون، مينهن، ٻڪري، رڍ، ڏاچي، گهوڙي، هاٿڻ ۽ ماءُ جي کير بابت دلچسپ ڄاڻ

کير هڪ طاقتور غذا آهي جنهن کي مختلف طريقن سان واپرايو وڃي ٿو ۽ هيل تائين ان جي ڪيترن ئي فائدن تي تحقيق ٿي چڪي آهي.
اچو ته ماهرن جي ڪجهه راين کي ڄاڻيون.
ڳئون جو کير :-
ڳئون جو کير پهريون نمبر ۽ سڀني کيرن ۾ فائدي وارو آهي، مٺو، گرمي ۽ رت جي بيماريءَ کي ختم ڪندڙ ۽ رت صاف ڪندڙ آهي.
ڪاري ڳئون جو کير سڀني ۾ اُتم ۽ فائدي وارو آهي. نيري ڳئون جو کير پت کي هٽائيندڙ آهي.
اڇيءَ ڳئون جو کير ٿڌو ۽ ڪف کي ناس ڪندڙ آهي. ٻارهن ڏينهن کان اڳ نئين ويايل ڳئون جو کير وايو ۽ ڪف پيدا ڪندڙ آهي.
کانگهاري ڳئون جو کير گهاٽو، طاقت وارو ۽ دير هضم آهي.
ڳئون ڍڪجڻ کان چار مهينا پوءِ کير ڪم نہ آڻڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اُهو کير گرم.‏ ڳورو ۽ بادي ڪندڙ آهي.
جهنگ ۽ پهاڙن چرندڙ ڳئون جو کير مٺو ۽ وڌيڪ طاقت وارو ٿيندو آهي. بر وقت ڏڌل کير مصريءَ سان پيئڻ ڪري امرت سمان آهي جو خوب طاقت ڏيندو. ڏينهوڪو ڪڙهيل کير رات جو ڪم نه آڻجي ان سبب جو ڳؤرو، ڪف ڪندڙ ۽ دير هضم آهي.
شام جو ڏڌل کير جهٽ هضم ٿي طاقت ڏيندو آھي، ضعيف ۽ بيمار کي گهرجي تہ جهنگ ۾ چرندڙ ڳئون جو کير ڪم آڻي.
کير ڪجهه وقت رکيل هجي ته ان کي ٿورو ضرور اُٻارڻ کپي، جو ان ۾ جيوڙا پئجي ويندا آهن.
مينهن جو کير:
وڌيڪ گهاٽو، مٺو، ڳؤرو، سڻڀو ننڊ گهڻي آڻيندڙ، آرس پيدا ڪندڙ ۽ طاقت وارو آهي.
ٻڪريءَ جو کير:
ٿڌو ۽ هلڪو جلد هضم ٿيندڙ آهي، تپ، کنگهه، رت جي گرمي، دستن ۽ پيشاب جي بيماريءَ کي ختم ڪندڙ آهي، شرط اهو آهي ته ٻڪري چرندڙ هجي.
رڍ جو کير:
رڍ جو کير قبض ختم ڪندڙ ۽ پٿريءَ جي بيماريءَ ۾ فائدي وارو آهي.
ڏاچيءَ جو کير:
کارسرو، هلڪو، هاضمي ڪارڪ، دم ۽ کنگهه کي ختم ڪندڙ، پيٽ ۽ جسم جي سوڄ کي هٽائيندڙ، جلندڙ کي ناس ڪندڙ ۽ قبض ڪشا آهي.
گهوڙيءَ جو کير:
رکو، کٽو ۽ گرم آهي، جيڪو ماڻهو جسم ۾ ڳرندو وڃي، تنهن لاءِ فائدي وارو آهي.
هاٿڻ جو کير:
تمام ٿڌو سڻڀو، تمام ڳؤرو ۽ جسم کي ٿلهو ڪندڙ آهي.
ماءُ جو کير:
هلڪو، گرمي گهٽائيندڙ ۽ اکين لاءِ فائدي وارو آهي.
کير بابت خاص هدايتون :-
گهڻو وقت رکيل کير پيئڻ چڱو نہ آهي.
پراڻي تپ ۽ گهٽ قوت ۾ ٻالڪن، ٻڍن، گهڻي پنڌ ڪندڙن ۽ گهڻي ورزش ڪندڙن لاءِ فائديمند آهي.
چڙهندڙن تپ، رت ۽ ڦٽ ڦرڙين جي بيمارين ۾ کير پيارڻ چڱو نہ آهي.
بيٺي کير پيئڻ ڪري چيلهه ۾ طاقت گهڻي ٿيندي ۽ ويٺي پيئڻ ڪري ڇاتي زور وٺندي ۽ پيئڻ بعد سمهي پوڻ ڪري جسم طاقت وارو ٿيندو.
ماني کائي کير پيئڻ ڪري کاڌو هضم ٿيندو ۽ جسم تندرست رهندو. کير اکين لاءِ فائدي وارو آهي.
نيراني کير پئڻ سبب پيٽ ۾ گڙ گڙ ٿئي ٿي، کير سان کٽاڻ يا ڳڙ کائڻ ڪري رت خراب ٿيندو.
کير سان پاڻي گڏي پيئڻ ڪري پيشاب ٿڌو ۽ صاف ايندو.
گرم ڪري منجهس مصري گڏي پيئڻ سان جسم کي طاقت ڏيندو.
کير گهڻو ڪاڙهڻ نه گهرجي جڏهن ته بازاري ڪڙهيل کير فائدي مند نہ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.