اڳوڻي پوليس اهلڪار جي اسپتال ۾ فائرنگ، زال ۽ ٻارن سميت ايڪٽيهه ڄڻا قتل

بئنڪاڪ ( ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي اترين علائقي ۾ اڳوڻي پوليس اهلڪار اسپتال ۾ فائرنگ ڪري گهرواري ۽ ٻارن سميت ايڪٽيهه ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

ٿائي حڪومت جي ترجمان موجب فائرنگ جو واقعو نونگ بوالامفو ۾ چائيلڊ ڊي ڪيئر سينٽر ۾ پيش آيو، ڏکوئيندڙ واقعي ۾ ٻارن سميت 31 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ هٿياربند شخص اڳوڻي پوليس اهلڪار هيو جڏهن ته ٿائي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ حڪومتي ترجمان پاران ٻڌايو انگ کان وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.