اجتماعي لڄالٽ ڪيس جي ٻن جوابدارن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا

ڇاڇرو(رپورٽ: يعقوب بجير) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڇاپر دين شاھ ۾ چار ڏينهن اڳ نوجوان ناري سان مبينا اجتماعي لڄالٽ واري  ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن مشتاق بجير ۽ نبي بخش بجير کي کينسر پوليس ڇاڇرو جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ آڪاش ميگھواڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن جا جزا  ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا آهن، جيڪي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا، جوابدارن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي کين ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.