رليف ڪئمپن ۾ هاڻي 3 لک 52هزار ماڻهو ترسيل آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرميون جاري آهن.  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 38250 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1322603 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. پنهنجي جاري هڪ پريس بيان ۾ هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 13010 خيما، 35640 ترپال، 36000 مڇردانيون، 2400 ڍورن جون مڇردانيون، 24000 سولر لائٽس ۽ 3000 جيري ڪينس ورهايا ويا آهن. ھیئنر تائين متاثرن کي 462808 خيما، 488778 پلاسٽڪ  ترپال، 2898008 مڇردانيون، 791178 ليٽر منرل واٽر، 65837 جيري ڪينس، 26916 مال جون مڇردانيون، 87833 تيار ٿيل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات جي سبب 760 جانين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. تازي برساتن سبب 435782 جانور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 2318365 خاندان متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 7383023 ماڻهو بي گهر ٿيا آهي. صوبائي وزير چيو ته رليف ڪيمپن مان وڌيڪ 1800 ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ٿي ويا آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 352718 متاثر ترسيل آهن. جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.