ملڪ ۾ ميڊيڪل داخلا ٽيسٽ 13 نومبر تي ٿيندي

اسلام آباد ( م ڊ) سڄي ملڪ ۾ خانگي توڙي سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان  ڪيو ويو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن( پي ايم سي ) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سڄي ملڪ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 13 نومبر تي ٿيندي، يم ڊيم ڪيٽ امتحان چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز ۾ ٿيندو. پڌرائي موجب ايم ڊيم ڪيٽ ٽيسٽ بولان يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز بلوچستان، يونيورسٽي آف هيلٿ سروسز پنجاب، خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي خيبرپختونخوا، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ سائسنز سنڌ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي اسلام آباد ۾ به ٿيندي. پي ايم سي جو چوڻ آهي ته ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ امتحان پاس ڪرڻ جو ريشو 55 ۽ بي ڊي ايس لاءِ 45 سيڪڙو آهي. صدر پي ايم سي جو چوڻ آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ لاءِ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ ٽيسٽ مرڪز قائم ڪيا ويندا، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني شاگرد دبئي يا سعودي عرب ۾ داخلا ٽيسٽ ڏئي سگهن .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.