سائفر آڊيو بابت ايف آءِ اي ڪميٽي قائم، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي نمائندو به شامل

اسلام آباد ( م ڊ ) گهرو وزارت جي حڪمن تي سائفر آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت جي حڪمن تي ڊي جي ايف آءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي  ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد ڪميٽي جو سربراهه هوندو . انڪواري ٽيم جي ٻين ميمبرن ۾ ايديشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم اسلام آباد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪائونٽر ٽيررازم ونگ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ ٽيم جي سربراهه طرفان ڪو مقرر ڪيل آفيسر شامل هوندا. ڊي جي ايف آءِ اي معاملي جي حساسيت کي ڌيان ۾ رکندي انڪوائري ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي مان هڪ هڪ آفيسر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.