ڪراچي ۾ ماستري ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي نوجوان گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: غلام مهدي بلوچ) ڪراچي ۾ ماستري جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، پوليس اهلڪارن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، لٺ بازي، ڪيترائي  نوجوان گرفتار، صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي پرائمري استادن چيو ته اسان آءِ بي اي ٽيسٽ جا اميدوار آھيون، اسان پھريان ڪراچي پريس ڪلب تي ڪافي ڏينهن بک ھڙتال ڪيمپ لڳائي ويٺا ھياسين ۽اسان سان سنڌ حڪومت جي طرفان ڪوبه نمائندو نه آيو، ته پوءِ اسان مجبور ٿي ريڊ زون ڪراس ڪيوسين ۽ اسان جا ڪجهه دوست پوليس گرفتار ڪيا، آءِ بي اي ذريعي 33 مارڪس کڻندڙ متاثرن جو آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت اميدوارن سان ناانصافي ڪري رهي آهي، سڀني اميدوارن سان ھڪ پاليسي هجڻ گھرجي. سڄي سنڌ ھارڊ ايريا ٿي چڪي آهي، اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته سڀني اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ته پوءِ اسان اميدوارن سان گڏجي ريڊزون ڪراس ڪري سي ايم ھائوس اڳيان احتجاج ڪنداسين، جيستائين اسان سان انصاف نٿو ڪيو وڃي، ٻي پاسي ڪراچي پريس ڪلب تي بُک هڙتال ۽ احتجاجي ڌرڻو هڻندڙ اُميدوارن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي 2013ع ۾اين ٽي ايس پاس ڪندڙ اُستادن جا مطالبا تسليم ڪري کين آفر ليٽر جاري ڪري، سنڌ حڪومت آئي بي اي ۾ فيل ٿيندڙ اُميدوارن کي به آرڊر جاري ڪري رهي آهي جڏهن ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ 60 کان97 فيصد نمبر کڻندڙ اُميدوار اڄ به انتظار ڪري رهيا آهن، هڪ سنڌ ۾ هڪ ئي نظام هئڻ گهرجي انڪري سنڌ جي تمام اُميدوارن لاءِ هڪ پاليسي هئڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.