جنرل باجوا جو رٽائر ٿيڻ جو عزم،جنرل عاصم منير خلاف سو شل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ جنرل قمر جاويد باجوه عزم ورجايو ته هو  29 نومبر تي رٽائر ٿي ويندو، اهو بيان پي ٽي آءِ تي بجلي بڻجي ڪڙ ڪيو جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا  برگيڊ جنرل عاصم منير  خلاف ٽاپ ٽرينڊ هلائڻ شروع ڪري ڏناآهن  جڏهن ته جرل قمر جاويد باجوه ايندڙ آرمي چيف بابت ڪوبه اشارو نه ڏنو آهي ، فقط شيخ رشيد چيو آهي ته  مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ جنرل عاصم جو نالو کڻي پنهنجي والد جي خواهش کي خبر بڻائي ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر  جو چو ڻ آهي ته  مريم نواز ڏکڻ پنجاب ۾ ويٺل  شخصيت ڏانهن  شڪايتي اشارو ضرور ڏنو هو  پر پوري پريس ڪانفرنس ۾ هن ڪنهن جو نالو نه کنيو هو ، شيخ رشيد ۽ عمران خان کي اندر کائي رهيو آهي يا وٽن ڪو اطلاع آهي  ان بنياد تي جنرل عاصم خلاف  باهه ٻري وئي آهي.

سوال هي  آهي ته ايندڙ آرمي چيف بابت  حڪومت يا اداري طرفان  نه نالو  کنيو ويو آهي نه ئي اشارو ڏنو ويو آهي ، جيڪڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف ٿي به وڃي ٿو  ته ان مان عمران خان ، شيخ رشيد يا پي ٽي آءِ کي ڪهڙو خوف آهي ، ان جو ڪارڻ آهو آهي ته  جڏهن عمران خان وزيراعظم هو  ته  جنرل عاصم منير  آءِ ايس آءِ جو ڊي جي هو  جنهن عمران خان کي ڄاڻ ڏني هئي ته ملڪ رياض سندس گهر واري بشريٰ بي بي لاءِ  هيرن جو هار اماڻيو آهي  ان تي عمران ناراض ٿيو هو ۽ جنرل عاصم کي بدلي ڪرائي ڇڏيو هو،   هاڻي آرمي چيف واري سينيارٽي لسٽ  ۾ جنرل عاصم جو نالو  اول نمبر تي آهي  ان ڪري عمران خان کي ڊپ آهي ته  هو آرمي چيف ٿيو  ته گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪابه مدد نه ڪندو ، جڏهن ته عمران خان کي اهڙو آرمي چيف گهرجي جيڪو  سندس مدد ڪري ۽ اقتدار ۾ آڻي ويهاري  جيڪو عمران خان کي ناممڪن نظر اچي رهيو آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-10-06 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.