انسانن کان سٺا ۽ جلدي فرينچ فرائز ٺاهڻ وارو روبوٽ تيار

آمريڪي ڪمپنيءَ انسانن کان سٺا ۽ جلدي فرائز تيار ڪندڙ روبوٽ ٺاهي ورتا آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٽيڪنالوجي ڪمپني اهڙا روبوٽ تيار ڪيا آهن جيڪي پاڻمرادو پٽاٽن ۽ بصرن جا فرائز ٺاهڻ کانسواءِ ٻيا کاڌا تيار ڪرڻ ۾ به ماهر آهن.

روبوٽڪ ٻانهن وارو اهو روبوٽ ڪيمرا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجينس جي مدد سان فريزر مان ڄميل فرينچ فرائز ڪڍي گرم تيل ۾ وجهندو آهي ۽ جيئن ئي پچي تيار ٿيندا آهن ته ٻاهر ڪڍي ٽري ۾ وجهندو آهي.

ڪمپني موجب اهو روبوٽ هڪ وقت ۾ مختلف ترڪيبن جا کاڌا ٺاهي سگهي ٿو جنهن سان ڪچن ۾ ماڻهن جي ضرورت گهٽ پوندي ۽ کاڌو جلدي تيار ٿي ويندو ۽ ان سان هوم ڊيليوري ۾ به فائدو ٿيندو.

ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪ بيل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن ريسٽورنٽ تي آن لائين سسٽم ذريعي ڪو آرڊر ايندو آهي ته پاڻمرادو روبوٽ هدايتن تي همل ڪري انسانن کان وڌيڪ جلدي ۽ بهتر کاڌو پچائي ويندا آهن.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته روبوٽ تيار ڪرڻ ۾ پنجن سالن جو وقت لڳو جڏهن ته عام وڪري لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.