حڪومت جٿن سان نه پر بيلٽ بڪس ذريعي تبديل ٿيندي: خرم دستگير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته حڪومت بيلٽ بڪس ذريعي تبديل ٿيندي.

توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شخص کي بنا الزام جي جيل ۾ ناهي وڌو ويو، فاشسٽ جو الزام لڳائڻ کان پهريون پنهنجي رت سان رنڱيل هٿ ڏسي وٺن، عمران خان جو حڪومتي دورو فاسق دور هيو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته جٿو ٻن هزارن جو هجي يا ٻن لکن جو، حڪومت بيلٽ بڪس ذريعي تبديلي ٿيندي.

خرم دستگير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي خيال آهي ته جٿن کي آڻي حڪومت کي مجبور ڪنداسين ته اهو نه ٿيندو.

پروگرام ۾ شريڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ڳائڻي سلمان احمد چيو ته عمران خان ”تين ٽيلي ٿون“ ذريعي 14 ارب رپيا گڏ ڪيا، هو اپوزيشن ليڊر آهي پر ٻوڏ متاثرن لاءِ به ڪم ڪري رهيو آهي.

سلمان احمد چيو ته هي چون ٿا ته فقيرن جي ڪا چوائس ناهي هوندي، هي اسان کي برداشت ناهي، عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان جو وقار هيو، هي فاشسٽ حڪومت آهي هي عوام لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگھن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت کي اقتدار کان پري ٿي وڃڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.