مالي ۾ هٿياربندن سڄو ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيو

 

بماڪو (ويب ڊيسڪ) آفريڪي رياست مالي ۾ آچر ۽ سومر جي وچين رات اڻڄاتل حملي آورن ڊوگون ڪميونٽي جي هڪ ٻهراڙيءَ تي حملو ڪري گهٽ ۾ گهٽ 95 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

اهڙي تصديق سيڪيورٽي ذريعن اڄ سومر ڏينهن ڪئي آهي. ذريعن موجب ان برادري جو لڳ ڀڳ خاتمو ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته حملو ڪندڙن ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ باهه لڳائي ڇڏي، اهو ڳوٺ تقريبن 3 سئو ڄڻن تي ٻڌل آهي.

مَري ويلن مان گهڻن جا لاش ڏسڻ جهڙا ناهن رهيا، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like