امن مشن ڪانگو ۾ مقرر پاڪستاني جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي گانڪو ۾ امن مشن ۾ مقرر پاڪ فوج جو حوالدار بابر صديق شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب شهيد حوالدار بابر صديق يون اين امن مشن ۾ ڪانگو ۾ ڊيوٽي تي مقرر هو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 30 سيپٽمبر تي 6 هٿياربندن گڏيل قومن جي امن مشن تي حملو ڪيو ۽ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ حوالدار بابر کي مٿي تي گولي لڳي ۽ شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب حوالدار بابر تصديق انٽري پوائنٽ تي گارڊ ڪمانڊر جا فرض انجام ڏئي رهيو هو ۽ 35 ورهين جو بابر صديق شڪر ڳڙهه جو رهاڪو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.