ڪورونا وائرس نوجوانن کي ڪيئن متاثر ڪري رهيو آهي؟ نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪووڊ 19 جي وبا جو زور هاڻي گهڻي حد تائين ماٺو ٿي ويو آهي پر ان جا اثر اڃا به موجود آهن.

آمريڪا ۾ جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي ڪاليج آف ميڊيسن جي تحقيق ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪورونا وائرس ايتري گهرائي ۾ وڃي اثرانداز ٿيو آهي جو ان ماڻهن جي شخصيت کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي.

پولس ون رسالي  ۾ شائع ٿيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماضي ۾ ماهرن کي ڀوائتي واقعي جهڙوڪ زلزلي يا سامونڊي طوفان ۽ شخصي تبديلين ۾ ڪو ڳانڍاپو ڳولڻ ۾ ناڪام رهيا هئا.

پر ڪورونا وائرس جي ڊگهي وبا دوران ماهرن کي مختلف شين کان پري يا سماجي وٿي سبب انساني شخصيت تي پوندڙ اثرن کي ڄاڻڻ جو موقعو مليو.

تحقيق موجب وبا سبب نوجوان پهريان کان وڌيڪ چيڙاڪ ۽ دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ماڻهن سان گهڻو سهڪار ڪرڻ پسند نٿا ڪن يا مٿن اعتماد نٿا ڪن.

تحقيق ۾ 18 کان 109 ورهين جي 7109 ماڻهن کي شامل ڪري وبا سبب سندن پنج شخصي خاصيتن جهڙوڪ  ناڪاري واقعي تي ردعمل جي اظهار، ٻاهرين دنيا منجهه دلچسپي، حقيقت پسندي، حالتن سان هڪجهڙائي ۽ شعوري آگاهي تي پوندڙ اثرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.

ڄاڻايل ماڻهن جا ٽيسٽ ڪورونا وبا کان اڳ، ان جي شروعاتي مرحلي ۽ وري ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪيا ويا.

نتيجن مان پتو پيو ته وبا جي شروعاتي مرحلي ( مارچ کان ڊسمبر ٻه هزار ويهه ) دوران انهن ماڻهن جي شخصيت گهڻي حد تائين مضبوط رهي، بس ڪنهن ناڪاري واقعي تي ردعمل جي اظهار جي صلاحيت ۾ معمولي تبديلي نظر آئي.

محققن موجب ائين انڪري ٿيو ڇاڪاڻ ته وبا سبب ماڻهن ۾ انزائٽي جو احساس وڌي ويو.

پر وبا جي ٻئي مرحلي دوران ( ٻه هزار ايڪويهه ۽ ٻاويهه ) ۾ ردعمل ته پهرين جهڙو هيو پر ٻين چئن خاخصيتن ۾ نمايان تبديلي نظر آئي.

اهڙي قسم جون تبديليون ڪنهن فرد ۾ عام طور هڪ ڏهاڪي دوران ڏسڻ ۾ اينديون آهن پر ڪورونا جي وبا دوران ائين تمام گهڻي تيزي سان ٿيو.

طبي ماهرن موجب نوجوانن جي شخصيت وبا سبب تمام گهڻو متاثر ٿي ۽ ان عمر جي گروپ تي امڪاني طور تي سڀ کان وڌيڪ ناڪاري اثر پيا.

سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ وبا سڀني تي پنهنجا اثر ڇڏيا پر نوجوانن جي روزاني بنيادن جي معاملن کي بري نموني متاثر ڪيو، خاص طور سندن سماجي لاڳاپن کي.

هنن چيو ته اڃا ته اهي سڀ اڳڪٿيون آهن ڇاڪاڻ ته ان ڏس ۾ تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪرڻو پوندو پر ظاهري طور نوجوانن جي شخصي خاصيتن تي وبا تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي.

طبي ماهرن طرفان اهڙن ماڻهن جي مانٽرينگ ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهو پتو لڳائي سگهجي ته سندن شخصيتن ۾ ايندڙ تبديليون عارضي آهن يا وڌيڪ عرصي تئاين برقرار رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.