عمران خان جي نِرڙَ تي غداري جي مُهر لڳي وئي، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٽرمپ جي گهر ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جيترا دفعا آڊيو ٻڌندئو، توهان کي خبر پوندي ته ملڪ سان ڪيڏي وڏي راند کيڏي وئي، مان ان شخص کي پنهنجي گهر کي ٻاهرئين دَر کان به اندر اچڻ نه ڏيان، ن ليگ جون ڪيتريون به آڊيوز سامهون اچن، انهن ۾ ملڪ خلاف ڪا ڳالهه نه هوندي، ن ليگ پاڪستان جي سلامتي تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندي.

هن چيو ته عمران خان هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙو آهي، سازش جو ماسٽر مائنڊ فارن فنڊد فتنو عمران خان آهي، اها رڳو سازش ناهي، اها ٽيمپرنگ ٿي آهي، هن سوچيو ٽرانسڪرپٽ جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر، سازش ڪري ڇڏيو، توهان پاڪستان جي ڳجهن دستاويزن سان جعلسازي ڪئي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم مون کي ٻڌايو ڪو به ملڪ پاڪستان کي خط لکڻ لاءِ تيار ناهي، ٻيا ملڪ پاڪستان سان ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا، آڊيوز ان فتني خلاف فرد جرم آهي، اهو شخص پاڪستان ۾ فتنو پيدا ڪري ٻاهران ڊالر وٺندو رهيو، پاڪستان دشمنن عمران خان جي کيسي ۾ ڪروڙين رپيا وڌا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڏسو، عمران خان ويندي ويندي آئين ٽوڙيو، پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت مان توهان خلاف فيصلو آيو ته توهان آئين ٽوڙيو.

مريم نواز الزام هنيو ته سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس مان گم آهي، عمران خان وزيراعظم هائوس مان ويندي ويندي منرل واٽر جون ٻه هزار بوتلون به گڏ کڻي ويو، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي.

ن ليگ نائب صدر چيو ته عمران خان جي آڊيوز سان حيرانگي نه ٿي، عمران خان جي مٿي تي غداري جو ليبل لڳو، اڄ تائين اهڙو ليبل ڪنهن وزيراعظم تي نه لڳو، نواز شريف 5 ارب ڊالرن جي آڇ ٿڏي ڇڏي، ان کي چوندا آهن ايبسلوٽلي ناٽ، ٽرمپ جي گهر ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، ائين ئي سائفر جي برآمدگي لاءِ بني گالا تي ڇاپو هڻڻ گهرجي.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”پوليس گرفتاري لاءِ بني گالا رواني، عمران خان کِسڪي ويو“، ”جيئو، جنگ ۽ ڊان اخبارن اندر اڪثر ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرون/افواھون ۽ بعد ۾ معافي نامن جو زيپٽ عام ماڻھن کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ايمان تازو ڪن ٿا، خدا جو ڪو به خوف ڪون اٿن!!!ا
    ”عمران خان جي نِرڙَ تي غداري جي مُهر لڳي وئي، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي: مريم نواز“ هن عقل جي انڌي ۽ هن وقت جي ام جميل کي اھا خبر ڪانھي ته ان جي هڪڙي ڪاي سپريم ڪورٽ م آھي ٻي ڪاپي صدر جي آفيس ۾ آھي ۽ ٽين ۽ اصلي ڪاپئَ تي سيڪيورٽي ادران سان گڏجي ڪرائيم منسٽر آفيس منجھ اوھان سڀني پاڪستاني سفير کان آڏي پڇا به ڪئي اھا اوھان جي تحويل ۾ آھي حئَ عورت انتھائي غليظ ذھنيت رکي ٿيئ پهريائين کيس پنهنجي پيشاني پڙهائي ڏسي ته بهتر آهي پاڪستاني سياست تي بدنما داغ آھي استغفرالله.
    ”پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري“، امپورٽيد حڪومت ٻيا ڪھڙا ڪم ڪيا آھن.؟؟؟؟
    ”عمران خان جي ايجنڊا ئي ملڪ کي ختم ڪرڻ آهي: اسحاق ڊار“، هي ڏسو پاڻ مسٽر ڊالر چورن جو ساٿي ملڪي غدار ڇا پيو بڪي شرم ڪر
    ”راڻا ثناءُ الله، عمران خان جي پريشاني وڌائي ڇڏي“، پاڻ پريشان لڳو پيو آھي، تڪليپ هو تا هي تو ڪلمه پڙھو
    ”هاءِ پروفائل ڪيسن جي نمائندگي ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي“، ايماندار آفيسرن کان زورئَ استعفائون وٺرائن ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.