ٽوئيٽر به ٽِڪ ٽاڪ جهڙو ٿي ويو !

ٽوئيٽر پنهنجي پليٽ فارم ۾ وڊيوز کي ڏسڻ ۽ ڊسڪور ڪرڻ جي حوالي سان نون فيچرز جووڌارو ڪيو آهي.

انهن منجهان سڀ کان اهم فيچر ٽڪ ٽاڪ جهڙو اسڪرول ايبل وڊيو فيڊ جو آهي.

اهو فيچر ڪجهه عرصي کانپوءِ سمورن ٽوئيٽر واهپيدارن لاءِ موجود هوندو ۽ في الحال آءِ او ايس ايپ ۾ محدود ماڻهن کي ان تائين پهچ ڏني وئي آهي.

اهو فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڊيو کي ڏسڻ دوران مٿس ڪلڪ ڪرڻو پوندو جنهن بعد هو ٽڪ ٽاڪ وانگر فل اسڪرين ويڊيو جي صورت ۾ نظر ايندو.

جنهن بعد هيٺ مٿي  اسڪرول ڪرڻ تي وڊيوز کي ڏسڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته بيڪ ايرو تي ڪلڪ ڪري اوريجنل ٽوئيٽ تي واپسي ٿي سگهندي.

ٽوئيٽر موجب نئين ميڊيا ويوز جو مقصد واهپيدارن لاءِ سٺي وڊيوز جي ڳولا  وري عمل کي سولو بڻائڻ آهي.

ٽوئيٽر پاران ايڪسلپورر ٽيب ۾ هڪ نئين وڊيو سيڪشن جو پڻ واڌارو ڪيو پيو وڃي جتي واهپيدار ٽڪ ٽاڪ وانگر اسڪرول ايبل وڊيوز ڏسي سگهندا.

اتنظاميا طرفان ڊسمبر ٻه هزار ايڪويهه ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙي وڊيوز فيڊ جي آزمائش شروع ڪئي وئي هئي، پر ان وقت سڄي ايڪسپلورر پيج کي وڊيو فيڊ ۾ بدلايو ويو هيو.

هاڻ ڪمپني طرفان ايڪسپلورر پيج کي مڪمل طور نه پيو بدلايو وڃي پر ان ۾ وڊيوز جو هڪ سيڪشن ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.