پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

مارگلا ٿاڻي جي علائقائي مئجسٽريٽ عورت مئجسٽريٽ زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

گرفتاري وارنٽ مارگلا ٿاڻي ۾ 20 آگسٽ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا، ڪيس ۾ عمران خان خلاف قلم 506/504 ۽ 189/188 لڳل آهي، عمران خان خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جو نمبر 407 آهي.

ڪيس ۾ قلم 506 ڌمڪي جوڳي بيان تي داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.