عمران خان جي ايجنڊا ئي ملڪ کي ختم ڪرڻ آهي: اسحاق ڊار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آڊيو ليڪ ٻڌرائي ڇڏي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ان سائفر ذريعي سازش جو سهارو ورتو ۽ پنهنجي اسٽوري ٺاهي، هيل تائين جيڪي آڊيو ليڪ ٿيون آهن، انهن سان سازش وائکي ٿي وئي.

هن چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار عمران خان آهي، ان جي ايجنڊا ئي پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي، معاشي طور تي ته هن ملڪ کي ختم ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته چئن سالن جو گند چئن مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته اڳ ۾ جيڪا تباهي ٿي رهي آهي ان کي روڪيون، شهباز شريف ۽ سندس ٽيم رات ڏينهن محنت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.