راڻا ثناءُ الله، عمران خان جي پريشاني وڌائي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جنهن ڏينهن عمران خان جي گرفتاريءَ جو فيصلو ٿيو هو پشاور ڀڄي ويو.

لاهور ۾ ن ليگ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت وٺڻ کانپوءِ ئي عمران خان پشاور مان واپس ٿيو.

پريس ڪانفرنس دوران مريم نواز چيو ته قانون جا هٿ عمران خان جي ڳچيءَ تائين ڇو نٿا پهچن؟ جنهن تي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪميٽي جي جاچ کانپوءِ عمران خان پنهنجي انجام تي پهچندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.