آڊيو ليڪس، تحريڪ انصاف وڏو قدم کڻي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن جي مبينا آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

تحريڪ انصاف طرفان داخل درخواست ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته درخواست سان مبينا آڊيو ليڪس جي ٽرانسڪرپٽ به لڳائي وئي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ موجوده حڪومت جي بدنيتي واضح آهي، شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، آڊيو ليڪس جي انڪوائري ڪري شهباز شريف ۽ ڪابينا خلاف ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ درخواستگذار کي سياست کان پري رکڻ لاءِ سازش ڪئي وئي، انهن آڊيو ليڪس ۾ هڪ مجرماڻي سازش تحت درخواستگذار کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، آڊيو ليڪس کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير تسليم ڪري چڪو آهي.

درخواست ۾ راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ ۽ اياز صادق خلاف فوجداري ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.