هاءِ پروفائل ڪيسن جي نمائندگي ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ نمائندگي ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جي نمائندگي ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نيب پراسيڪيوٽر رياض عالم ۽ شهباز سهوترا استعيفائون نيب هيڊ ڪوارٽر اماڻي ڇڏيون آهن، ٻنهي پراسيڪيوٽرز استعيفائن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر استعيفيٰ جو ڪارڻ اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگھيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي پراسيڪيوٽر احتساب عدالتن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ پروفائل ڪيسن جي پيروي ڪري رهيا هئا، ٻئي پراسيڪيوٽرز 4 ورهين کان نيب ۾ فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته رياض عالم جي استعيفيٰ به منظور ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.