” جڏهن به هارايون ٿا ٽيم مئنيجمنٽ مون کي اڳيان ڪري ڇڏي ٿي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ جو انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيل جملو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.

گذريل قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ڇهين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان هڪ طرفي مقابلي بعد اٺ وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو هيو، انگلينڊ طرفان فل سالٽ 88 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي ۽ پاڪستاني بالرن کي حيران، پريشان ڪري ڇڏيو.

ميچ هارائڻ بعد جڏهن ته پاڪستان ٽيم جي بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ پريس ڪانفرنس لاءِ آيو ته هن چيو ته جڏهن به اسان جي ٽيم خراب نموني هارائيندي آهي تڏهن مونکي موڪليو ويندو آهي.

شان ٽيٽ جو پريس ڪانفرنس دوران چيل اهو جملو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي دلچسپ ميمز پڻ ٺاهيون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.