عمران خان ۽ راڻا ثناءُ الله  جون صرف سلطان راهي جهڙيون ڀڙڪيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  گهرو وزير راڻا  ثناءُ الله ۽ عمران خان رڳو سلطان راهي جهڙيون ڀڙڪيون ڏئي رهيا آهن، عوام ٻنهي جون ڀڙڪيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيو آهي،  عمران خان مسلسل اعلان ڪري رهيو آهي ته هو آخري سڏ ڏيڻ وارو آهي، اسلام آباد ۾ آخري  ڪارروائي ڪرڻ وارو آهي، پر 25 مئي کانپوءِ اٽڪل 4  مهينا گذرڻ  باوجود عمران خان نه آخري سڏ ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ئي  اسلام آباد ۾ آخري ڪارروائي جي ڪا تاريخ ڏئي سگهيو آهي، رڳو ادارن تي حملي  آوار آهي.

اهو به تقريرن جي حد تائين، ڪالهه ته اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ سان به حيران ڪندڙ راند کيڏن جي ڪوشس ڪئي آهي. بنا وقت وٺڻ  ۽ اطلاع جي عورت جج  جي عدالت ۾ عمران خان اوچتو  ڪارو چشمو پائي امريش پوري جي انداز ۾ پهچي ويو، اتفاق سان عورت جج زيبا چوڌري موجود نه هئي  ۽ اتي وڊيو رڪارڊ ڪرائي ريڊر کي پيغام ڏئي آيو ته  معذرت ڪرڻ  آيو هئس، جج صاحبه  کي ٻڌائي ڇڏيو.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته معافي وٺڻ  يا معذرت ڪرڻ جو قانوني  يا عدالتي طريقو اهو نه آهي، اهو صرف عدالت سان کيڏڻ آهي، جڏهن ته ساڳيو حال حڪومت جو به آهي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله  به عمران خان جيان سلطان راهي جهڙيون ڀڀڪيون ڏئي رهيو آهي،  عملي ڪارروائيءَ جي همت شايد !  ان ۾ به نه آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 2022-10-01 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.