آمريڪي سازش جو بيانيو تيار ڪرڻ واري ٻي ميٽنگ جي به آڊيو ليڪ

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي سازش  بابت عمران خان  جي آڊيو جو ٻيو حصو به ليڪ ٿي ويو آهي.

ليڪ ٿيل آڊيو ۾   ۾ اسد عمر به شامل آهي، ان ۾ اعظم خان سوال ڪري رهيو آهي ته سائفر ته 8 يا 9 مارچي تي آيو آهي، جواب ۾ عمران خان چئي رهيو آهي  ته ڊونلڊلو ۽  ۽  اسد مجيد جي ميٽنگ ته 7  مارچ تي ٿي آهي، اسد عمر سوال ٿو ڪري ته اهو ته ميٽنگ جو ٽرانسڪريپشن  آهي، جواب ۾ عمران خان چئي رهيوآهي ته هي ليٽر آهي عوام کي ٽرانسڪپشن ڪٿان سمجهه ۾ ايندو اهو چئي وري چئي ٿو  ته شاهه جي سڀاڻي پاڻ 3 ڄڻا  يعني آءُ، اعظم خان ۽ شاهه  محمود ميٽنگ ڪري ٿا وٺون  ۽ پرڏيهي سيڪريٽريءَ کي چئو ٿا ته اسان جا ميٽنگ منٽس سائفر جي شڪل ۾ رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏي پر اهو ياد رکو ته  ملڪ جو نالو ناهي وٺڻو اهو انتهائي اهم آهي، ڪنهن جي به وات مان ملڪ جو نالو نه ٻڌان،  آڊيو جو ٻيو حصو هڪ منٽ 8 سيڪنڊر  جو آهي.

نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته آڊيو جي ٻئي حصي مان آمريڪي سازش اصل ۾ ڪنهن ڪئي اهو بلڪل به واضح  آهي ڇو ته هي سازش  اصل ۾ ملڪ خلاف آهي، حڪومت کي گهرجي ته آفيشل سيڪريٽ  واري قانون تحت  ڪارروائي ڪري جيئن مستقبل ۾ ملڪ جي ڪنهن به حڪمران کي ملڪ خلاف غليظ  سازش ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي، ڇو ته عمران خان جي تيار ڪيل سازش ملڪ کي دنيا ۾ بدنام ۽ تنها  ڪرڻ جي حرڪت آهي ۽ اهو  وڏو گناهه آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 2022-10-01 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.