يوسف مستي خان هڪ اصولي سياستدان هو: سراج دراني

ڪراچي(رپورٽر)  وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني  يوسف مستي خان جي رهائشگاهه تي پهچي ڪري يوسف مستي خان جي لاڏاڻي تي ان  جي حاحبزادن خرم مستي ۽ بالاج مستي خان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يوسف مستي خان هڪ اصولي سياستدان هو، هن سڄي عمر جمهوريت جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، هو عوامي ورڪرز پارٽي جي پليٽ فارم تان آخري عمر تائين مصروف عمل ۾ رهيو، وقتي گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيڻ وارو خلا وڏي عرصي تائين پر نٿو ٿي سگهي. وقتي گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.