ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي،ٻوڏ سبب معاشي ميدان ۾ غيريقيني ڇانيل آهي: ناڻي وزارت

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد  نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.