کير، چانهه، بصر، ٽماٽا، چانور ۽ آنا مهانگا، مهانگائي شرح 30 سيڪڙو کان وڌي وئي

اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.95 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي گڏيل شرح  30.62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي . هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ موجب هفتي دوران ويهه شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، بصرن جي في ڪلو اگهه ۾ چاليهه رُپيا 13 پئسا اضافو ٿيو. شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽي جي في ڪلو قميت 41 رُپيا 11 پئسا وڌي، 190 گرام چانهه جي اگهه ۾ اٺ رُپيا پنجٽيهه پئسا اضافو ٿيو، چڻن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ 81 پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته مڱن جي دال هڪ رُپيو واڌ ٿي، جيئري ڪڪڙ هڪ رُپيو 85 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. انکانسواءِ صابڻ، کير، ڌونئرو، ٻاڪرو گوشت، آنا ۽ چانور پڻ مهانگا ٿيا. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هفتي دوران ڏهن شين جي اگهن ۾ لاٿ جڏهن ته 21 ۾ استحڪام رهيو، ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر 119 رُپيا 63 پئسا سستو ٿيو.انگن اکرن موجب ملڪ ۾ اٽي جي ويهه ڪلو وارو ٿيلهو 48 رُپيا 55 پئسا سستو ٿيو، جڏهن ته گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 64 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات موجب مهري جي دال پنج رُپيا في ڪلو سستي ٿي، کنڊ، ڪيلن، ٿوم ۽ پٽاٽي جي اگهن ۾ پڻ لاٿ آئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.