يوڪريني علائقن جي روس سان الحاق کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين: بائيڊن

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪا يوڪريني علائقن جي روس سان الحاق کي ڪڏهن تسليم نه ڪندو. آمريڪي صدر جمعي تي روسي صدر جي يوڪرين جا چار والاريل علائقا روس ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ان انضمام کي ڪڏهن تسليم نه ڪنداسين جڏهن ته ٻئي پاسي ڪريملن جو چوڻ آهي ته لوهانسڪ، ڊونيتسڪ، زپوريزهيا ۽ خرسون پنجن ڏينهن واري ريفرنڊم ۾ روس سان الحاق جي حمايت ڪئي آهي. صدر بائيڊن چيو ته اسان ان بابت بلڪل واضح آهيون ۽ يوڪرين جي خودمختيار زمين تي روس جي دعوائن کي ڪڏهن تسليم نه ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.