اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري نينگري تڙپي تڙپي فوت، وارثن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(ت، ر) اسلام ڪوٽ شهر جي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ٿيڻ بعد مڪمل طور تي تباهي ڪناري پهچي چُڪي آهي، اسپتال ۾ مريضن کي انجيڪشن هڻڻ لاءَ سرنج موجود ناهي،انهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ کاکڻهيار بجير جا رهواسي صبح سوير اٺ بجي بخار ۾ ورتل 16 ورهين جي نياڻي امنه ڌي الياس بجير کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي کي رُڳو داخل ڪري ڇڏيو ۽ باقي دوائون نه هجڻ جو چيو، جنهن تي وارث سرنج سميت ٻيون دوائون ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪري آيا، سڄو ڏينهن نياڻي جو علاج نه ٿيڻ بعد نيٺ هُو فوت ٿي وئي، جنهن بعد نياڻي جي وارثن ڊاڪٽر تي علاج نه ٿيڻ ۽ غفلت جو الزام هڻي لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، فوتي نياڻي جي وارثن ستار بجير، منظور بجير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صبح جو 8 بجي ٻارڙي کي داخل ڪرايو هو، جنهن بعد سرنج سميت هر دوا اسان پئسن تي خريد ڪئي، صبح واري شفٽ ۾ موجود ڊاڪٽر کي بار بار چيو ته هتي علاج ناهي اسان کي ڇڏيو مٺي وڃون، ڊاڪٽر اسان کي ٻُڌڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن بعد شام واري شفٽ ۾ آيل ڊاڪٽر ڪنورلال لوهاڻي کي اسان چيو اسان کي مٺي ريفر ڪيو، ڊاڪٽر چيو اسان وٽ ايمبولنس جا ڊرائيور ناهن، اسان انتظار ڪندا رهياسين، ان دوران ٻارڙي فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرن جي غفلت آهي، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسپتال ڪوس گهر بڻيل آهي، هن کان بهتر آهي تالا هڻي بند ڪريو ته مريض مرڻ کان بچي سگهن، اسپتال پي پي ايڇ آءِ حوالي ٿيڻ ڪي به علاج جون سهولتون موجود ناهن، هن حالت جو نوٽيس ورتو وڃي، اسان جي نياڻي جو قتل ڪيس اسپتال انتظاميا تي داخل ڪيو وڃي، هنن چيو ته چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي اسپتال جي ايم ايس پاران انڪوائري ڪري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد وارث احتجاج ختم ڪري ٻارڙي جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

  • اسپتال ۾ سرنج ئي ناهن: ايم ايس اعتراف ڪري ورتو

اسلام ڪوٽ: اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس هيراڻي سهولتون نه هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي،  سرنج ناهن، اسين مريضن کي دوائون لکي ڏيون ٿا، پي پي ايڇ آءِ وارا جيڪا ميڊيسن ڏين ٿا اُهو پوري نه ٿي ٿئي، او پي ڊي وڌيڪ آهي، دوائون گهٽ ملن ٿيون، اسان وٽ مليريا جو ڊوز به ناهي، ڊاڪٽرن ڊيوٽين تي موجود هجن ٿا.

  • ڪاري سون جا مالڪ علاج لاءِ پريشان آهن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي: شهري

اسلام ڪوٽ: شهرين ٻُڌايو ته ٻن مهينن کان اسپتال ۾ مٿي جي سُور جي ڪا دوا ڪونهي، عوامي آواز ۾ مسلسل اشوز هاءِ لائيٽ ٿي  رهيو آهي، ڊاڪٽر دانهون پيا ڪن ته پي پي ايڇ آءِ وارا دوائون نه ٿا ڏين، پر اُنهي جي باوجود ڪير نوٽيس وٺڻ وارو ناهي، چيف جسٽس سنڌ کي نماڻي اپيل ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي حڪومت کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي.

  • نه مٿي جي سور جي گوري نه بخار جي، مريض دربدر

اسلام ڪوٽ: اسپتال ۾ دوا نالي ڪا شئي ناهي، اسپتال ۾ پيناڊول، فليجل، زنڪ، ايماڪسل سيرپ، ڪالپول، سيپٽران، وينٽول، ٽين پرسن ڊرپ سميت مليريا جون پريماڪوئن گوريون به ناهن، جنهن ڪري مريض علاج لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.