پي ايم ايس اي جي ڪارروائي، 16 ڀارتي مهاڻا گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي (پي ايم ايس اي) غير قانوني شڪار ڪندڙ 2 ڀارتي ماهيگير ٻيڙين کي  قبضي ۾ وٺي عملي جي 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. جاري پڌرائي مطابق گرفتار ڪيل ڀارتي ٻيڙيون پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ موجود هيون. اها گرفتاري پي ايم ايس اي جي جهاز پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ معمول جي نگراني دوران ڪئي. شروعاتي جاچ کانپوءِ ٻيڙين کي ڪراچي آندو ويو ۽ پڪڙيل ماهيگيرن کي وڌيڪ قانوني ڪاروائي لاءِ ڊاڪس پوليس حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.