ايس او پيز ۾ تبديلي، وزيراعظم هائوس ۾ ڪامورن جي موبائل فون ۽ ليپ کڻي وڃڻ تي پابندي

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم هائوس مان آڊيو ليڪ جي واقعي بعد حساس ادارن جي اهلڪارن وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان جائزو ورتو آهي،گهرو  وزارت جي هڪ عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي کي ٻڌايو ته ان واقعي جي تناظر ۾ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن وزيراعظم هائوس ۽ سيڪريٽريٽ ۾ لاڳو ايس او پيز ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ تي لڳايل تنصيبات جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو ورتو ويو آهي، مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به واقعي کي روڪڻ لاءِ جديد آلات نصب ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي، عملدار مطابق ايس اوپيز ۾ جيڪا تبديلي ڪئي وئي آهي ان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري آفيسر(سيڪريٽري) کي بريفنگ لاءِ گهرايو ويندو ته هو اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ بريفنگ جا سمورا تفصيل وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي موڪليندو، اهلڪار مطابق جيڪڏهن وفاقي سيڪريٽري لاءِ ضروري آهي ته هو ليپ ٽاپ گڏ کڻي اچي ته ان سلسلي ۾ پرنسپل سيڪريٽري کي وزيراعظم هائوس ۾ مقرر سيڪيورٽي انچارج کي ان باري ۾ وقت کان اڳ آگاهه ڪرڻو پوندو،اهلڪار مطابق وفاقي سيڪريٽري ليول جي آفيسر کي به پنهنجو موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ وزيراعظم هائوس کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي،اهلڪار جو چوڻ آهي ته هڪ تجويز به سامهون آئي آهي ته وزيراعظم هائوس، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ ايوان صدر ۾ جيترا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر آهن انهن جي اسڪروٽني جو عمل هر ٽن مهينن کانپوءِ ڪيو وڃي، وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي پنهنجا موبائل فون وزيراعظم هائوس اندر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان آڊيو ليڪس جي جاچ لا3 قاعدن ضابطن کي حتمي شڪل ڏني ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.