حساس آڊيوز ليڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ هيڪر فرار، بليڪ ميل يا گرفتار

اسلام آباد (سوشل ميڊيا)  وزيراعظم هائوس  جو آڊيو ليڪ ڪندڙ هيڪر جيڪو ” ان دس هيل“ جي نالي سان ٽويئٽر اڪائونٽ هلائي رهيو هو  ۽ جمعي تي سموريون حساس نوعيت جون آڊيوز ليڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اهو اوچتو سوشل ميڊيا تان غائب ٿي ويو آهي، جڏهن آڊيوز به ليڪ نه ٿيون آهن.

ان سلسلي  ۾ سوشل ميڊيا تي مختلف سبب ڄاڻايا پيا وڃن ۽ بحث جو سلسلو رات دير تائين  هلندڙ  هو. هڪڙن جو خيال آهي ته هيڪر کي حڪومت گرفتار ڪري ورتو آهي يا ساڻس مفاهمت ڪئي آهي، ان ڪري اصل ڪهاڻي مفاهمت يا گرفتاري عوام کان لڪائي پئي وڃي ڇو ته هي حساس نوعيت جومعاملو آهي جنهن ۾ رياستي ادارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.

ان ڪري اصل حقيقت تائين پهچڻ لاءِ گرفتاري لڪائي پئي وڃي، ٻيو خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عمران خان جون سفارتي سائفر تي سازش تيار ڪرڻ واريون آڊيوز ليڪ ڪيون ويون ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي وزيرن، صلاحڪارن ۽ عورت اڳواڻن  جون وڊيوز به ليڪ ٿيڻ واريون آهن 18 سالن کان گهٽ عمر وارا نه ڏسن ان اعلان کانپوءِ  هيڪر شايد گهٻرائجي ڀڄي ويو آهي، ڇو ته ان جي اڪائونٽ تان ڪابه چرپر نه ٿي رهي آهي، اهو به ممڪن آهي ته پرڏيهه فرار ٿي ويو هجي يا حساس ادارن هٿان کنڀجي ويو هجي ڇو ته حڪومت جي عيوضي طارق فاطمي سان هن جون ڳالهيون هلندڙ هيون.

ان بابت هاڻي حڪومت به خاموش آهي، اهو نه پيو ٻڌايو وڃي ته ڳالهيون ڪامياب ٿيون يا ناڪام ٿيون، حڪومت هيڪر کي گرفتار ڪرڻ جو به اعلان نه ڪيو آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا تي طرح طرح جون ڪهاڻيون گهڙيون پيون وڃن، حقيقت ڇا آهي اها هڪ ڳجهارت بڻجي وئي آهي، آڊيو ليڪ ڪري ملڪ ۾ طوفان  برپا ڪندڙ هيڪر جي اوچتو گمشدگي في الحال ته ويتر  وسوسا وڌائي ڇڏيا آهن، ڏسجي ايندر ڏينهن ۾ هيڪر بابت ڪهڙي خبر ليڪ ٿئي ٿي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 2022-10-01 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.