شهدادڪو: ٻوڏ متاثرن جون زندگيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو نه رڪيو، وڌيڪ چار ڄڻا فوت

شهدادڪو ۽ قبي سعيد خان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوتگين جو سلسلو نه رڪي سگهيو، هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ چار حياتيون زيان ٿي ويون

شھدادڪوٽ جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل 4 ورھين جي ٻارڙي ايمن خاصخيلي ۽ 8 ورھين جو محمد مگسي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا

جڏهن ته قبوسعيد خان جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ چئن ورھين جي ٻارڙي شازين کوسو ۽ سٺ ورهين جو پيرسن بگن کوسو مختلف بيمارين جو علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا آهن

فوتي بگن کوسو جي وارثن لاش رکي سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا پاران واهر نه ڪرڻ جون دانهون ڪندي سخت احتجاج ڪيو

ياد رهي ته شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيد خان ۾ واهر نه ٿيڻ سبب مختلف بيمارين وگهي 28 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن پر انتظاميا هن وقت تائين ڪي به جوڳا قدم ناهي کڻي سگهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.