انفينڪس جو طاقتور 12 نوٽ آءِ متعارف

چيني موبائيل ڪمپني انفينڪس پنهنجو بهترين ڪيمرا رزلٽس ڏيڻ وارو بهترين مڊ رينج فون متعارف ڪرايو آهي.

چيني ڪمپني نوٽ 12 آءِ کي شروعات ۾ هلندڙ سال مئي ۾ نوٽ 12 جي نالي سان آفريقا ۾ متعارف ڪرايو هو، جنهن کي هاڻي وڌيڪ اپڊيٽس سان نوٽ 12 آءِ 2022 جي نالي سان دنيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ملڪن ۾ فوري طور تي فون متعارف نه ٿيندو.

”نوٽ 12 آءِ“ کي 6-7 انچ فل ايچ ڊي اسڪرين اميوليڊ ڊسپلي سان گڏ هيليو جي واري 85 ايس او سي جي چپ سان پيش ڪيو ويو آهي.

اينڊرائڊ 12 جي آپريٽنگ سسٽم جي موبائيل کي 4 ۽ 6 جي بي ريم جاٻه مختلف ماڊيولز پيش ڪيا ويا آهن ۽ ان ۾ 64 سان 128 جي بي ميموري ڏني وئي آهي، جڏهن ته واهپيدار واڌو ڪارڊز سان گڏ انهن جي ميموري وڌائي به سگهن ٿا.

نوٽ 12 آءِ جي بيڪ تي ٽي ڪيمرا آهن، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جا آهن جڏهن ته باقي ٻه ۽ چار ميگا پڪسل جا ميڪرو سينسر ڪيمرا آهن.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته موبائل جي ڪيمرا جي ٽيڪنالوجي کي اپگريڊ ڪيو ويو هو، جنهن سان هاڻي واهپيدار گهٽ روشني ۾ به فوٽو ۽ وڊيو گرافي ڪري سگهندا.

فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ان جي ٽيڪنالوجي کي به اپگريڊ ڪيو ويو آهي.

نوٽ 12 آءِ کي 5000 ايم پي ايچ جي طاقتور بيٽري جڏهن ته 33 واٽ جي فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

فون جي شروعاتي قيمت پاڪستاني 32 هزار رپين کان وڌيڪ رکي وئي آهي ۽ ماڊيولز جي حساب سان ان جي قيمت ۾ 10 هزار رپين تائين واڌارو ٿي سگهي ٿو.

فون جي عالمي مارڪيٽس ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو هو، جڏهن ته فوري طور تي نوٽ 12 آءِ پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ ايندي جڏهن ته ڪجهه هفتن ۾ هر هنڌ متعارف ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.