کڌڙن فقيرن لاءِ حڪومت جو اهم قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين ٽرانس جينڊر اينٽي هراسمنٽ هاٽ لائن لائونچ ڪئي وئي آهي.

کڌڙا فقير هاڻي 1099 تي ڪال ڪري پنهنجي شڪايت لکي سگهن ٿا.

تفصيل موجب هاٽ لائن وزير اعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ۽ انساني حقن جي کاتي تحت بڻائي وئي آهي. هيڊ آف پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز سلمان صوفي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته اها هاٽ لائن هر صوبي جي آءِ جي آفيسن ۽ انساني حقن سان ڳنڍيل هوندي. هن اهو به چيو ته سمورين شڪايتن تي چوويهه ڪلاڪ اندر ڪارروائي ٿيندي، چوويهه کان اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ ايڪشن نه ورتو ويو ته انساني حقن وارو کاتو ڪارروائي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.