ميھڙ ۽ فريدآباد ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ 2 فوت

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ڪاڇي جي علائقي فريدآباد جي مختلف علائقن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ھر روز ٻوڏ  متاثر جيجل امڙ جي جھوليون خالي ٿيڻ لڳيون آھن ، فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، ميھڙ جي ڳوٺ مٿيون عاليوال جي رھواسي پورھيت غازي خان چانڊيو جو 8 ورھين جو پٽ مينھان خان مليريا ۽ گيسٽرو  وگھي فوت ٿي ويو، ھوڏانھن فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ پيرسن گل محمد ولد فقير محمد چانڊيو به گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب فوت ٿي ويو آھي، ميھڙ جي فريدآباد سميت 10 يونين ڪائونسلن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگھيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي ڪا به واھر ناهي ٿي سگھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.