ڪوئيٽا ۾ گاڏي تي فائرنگ دوران  ڊاڪٽر ناصر اچڪزئي جا ٽي پٽ مارجي ويا

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا جي علائقي ريلوي سوسائٽي ڪالوني ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب ڊاڪٽر ناصر اچڪزئي جا ٽي جوان پٽ  مارجي ويا جڏهن ته ڏوهاري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب گذريل ڏينهن ريلوي ڪالوني ويجهو ٽئي ڀائر گاڏي مان نڪتا ته اڻ ڄاتل هٿيار بندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي ڪري مشهور آرٿو پيڊڪ سرجن ڊاڪٽر ناصر اچڪزئي جا ٽئي پٽ فوت ٿي ويا جن جي عمر 8 ، 16 ۽ 18 سال هئي. جڏهن ته واقعي ۾ مقتول ڀائرن جو قاتل سڳو ڀاءُ نڪتو آهي. جوابدار پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.