ٽنڊو محمد خان ۾ سستي اگھه تي اٽي جي فراهمي شروع

ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) خوراڪ کاتي طرفان ٽنڊو محمد خان ۾ سستي اگھه تي اٽي جي فراهمي شروع ، شهر جي مختلف چوڪن تي اٽي جي سستي اگھن جا اسٽال لڳايا ويا ، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ حڪومت جي تعاون سان خوراڪ کاتي جي عملدارن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر اسامه قاسمي ، خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر سيد مهتاب علي شاھ ۽ ٻين جي نگراني ۾ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 650 روپيه سستي اگھه تي اٽي جي فراهمي لاءِ ڦليلي روڊ، الفتاح چوڪ، ميونسپل ڪاميٽي جي سامهون ۽ ٻين علائقن ۾ اسٽال لڳايا ويا جتي سون جي تعداد ۾ شهرين سستي اگھه تي اٽي جي خريداري ڪئي ، ان موقعي تي خوراڪ جي عملدارن چيو ته دڪاندارن کي پڻ سستي اگهھ تي اٽي جي وڪري لاءِ پابند بڻائڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن واپارين خلاف قانون جي دائري ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.