ڪنڌڪوٽ پوليس 5 مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، هڪ جي وڊيول وائرل، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ جا مغوي بازياب نه ٿي سگھيا ڌاڙيلن ٽرڪ ڊرائيور کي پير ۾ گولي ھڻي زخمي ڪرڻ بعد سندس وڊيو وائرل ڪري  ڇڏي، مختلف واقعن ۽ انڊس ھاوي تان اغوا ٿيل ٻن شاگردن عاشق سومرو، اشفاق سومرو، مڇي فارم چوڪيدار وليداد کوسو، مزدا ڊرائيور عبدالغني ڏاھاڻي ۽ ٽرڪ ڊرائيور عبدالمجيد بروھي کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان بازياب ڪرائڻ ۾ اڃا تائين ناڪام رھي آهي، پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي، ڌاڙيلن مديجي واسي ٽرڪ ڊرائيور عبدالمجيد بروھي جي وحشياڻو تشدد ڪري ڄنگھه ۾ گولي هڻي ڪري زخمي ڪرڻ کان زنجير ۾ ٻڌي ويڊيو ڀري وائرل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ مغوي ھٿ ٻڌي ايس ايس پي کي اپيل ٿو ڪري ته گولي لڳڻ آهي درد ٿو ڪري نه ڪا دوا آهي، خالي پٽي ٻڌل آهي، خدارا مون کي بازياب ڪرايو. ويڊيو ۾ ھٿياربند ڪلاشنڪوف کڻي مٿان رکيل بيٺل آهي، ٻي پاسي مغوي ٽرڪ ڊرائيور عبدالمجيد بروھي جي وارثن ۽ بروھي برادري جي ماڻهن مديجي کان ڪنڌڪوٽ پهچي انڊس هاءِ وي تي نظر محمد بروھي، علي محمد بروھي، حاجي شفيع محمد بروھي،  عبدالحميد بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙي رڪاوٽون رکي پنجاب بلوچستان ڏي ايندڙ ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي سخت پريشاني مان گذرڻو پيو، ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رھيو، احتجاج ڪندڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آهي ڏوھاري بي قابو ٿيل آهن جنهن ڪري اغوا جو وارداتون روڊن تي اچي ڪري آساني سان ھليا ٿا وڃن، اسان جو مغوي عبدالمجيد بروھي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج جو رستو ورتو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.