جهول گرلز پرائمري اردو اسڪول جي عمارت زبون، ماسترياڻين ۽ سوين شاگردياڻين جو احتجاج

جهول(ن ع آ) جهول گرلز پرائمري اردو اسڪول جي بلڊنگ زبون بڻجي وئي، شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن ماسترياڻي جو شاگردياڻين سميت احتجاج، اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائڻ جو مطالبو ، خبر موجب جهول گرلز پرائمري اردو اسڪول جي ماسترياڻين مسرت، مومينه، خالد فرزانا ۽ ٻين ماسترياڻين ۽ سوين شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي اسڪول جي بلڊنگ زبون بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ٻارن کي اسڪول جي ڪلاسن ۾ ويهاري پڙهائي جاري رکڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، اسڪول جي حالت خراب هجڻ جي ڪري والدين پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول به نٿا ڇڏين، جنهن سبب اسڪول ۾ شاگردياڻين جو تعداد به گهٽجي ويو آهي، اسڪول ۾ پکا نه هجڻ جي ڪري هر ڏينهن معصوم ٻارڙيون گرمي سبب بيهوش ٿيو وڃن، هنن چيو ته اسان جي اسڪول جي حالت بابت تعليم کاتي جي سمورن ڪامورن کي لکيو آهي پر ڪير ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ سان گڏ اسڪول جي بلڊنگ ٺھرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ نه ٺهي ته والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول اچڻ کان بلڪل بند ڪري ڇڏيندا جنھن سبب نياڻين جي تعليم متاثر ٿيندي، انڪري جلد کان جلد نوٽيس وٺي گرلز پرائمري اردو اسڪول جي بلڊنگ منظور ڪرائي نياڻين جي تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.