اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران ٽرانسجينڊر ايڪٽ جون ڪيتريون ئي شقون غيرشرعي قرار

اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٽرانسجينڊر ايڪٽ ۾ ڪيترن ئي قلمن کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو.اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ايڪٽ جا ڪيترائي  قلم شرعي اصولن سان هم آهنگ ناهن، جينڊر ايڪٽ نوان معاشرتي مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ حقيقي کدڙن فقيرن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ٽرانس جينڊر ماڻهن بابت ايڪٽ جي جائزي لاءِ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جا نمائندا، عالم، قانوني ماهر، طبي ماهر شامل هجن، ڪميٽي کدڙن فقيرن بابت قانون جو تفصيلي جائزو وٺي.اسلامي نظرياتي ڪائونسل نيب ترميمي قانون 2022 جي تعريف به ڪئي ۽ چيو ته نيب قانون بابت ڪائونسل جي ٻين سفارشن کي به شامل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.