ايس ٽي پي پاران ٻوڏ جي فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي برسات متاثرين جي  واهر نه ٿيڻ ۽ فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه اڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي اندر برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت سميت مرڪزي حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ حڪومت جا وزير مشير صرف گهمندا رهيا آهن پر سنڌ جي عوام کي ڪوبه ڪو رليف نه ڏنو اٿن ضلعن جا ڊي سي ۽ وزير مشير گڏجي ڪرپشن ڪري رهيا آهن. ۽ پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن سنڌ جا ڪيترائي شهر اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن جن مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ، قادر چنا ، امتياز سمون ، نثار ڪيريو ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي ، خدا بخش درس ، محمد علي ابڙو ، پير گنبل شاھ ، راجا خواجه، سبحان مگسي، محبوب دل ، محبوب سمون ، علي اڪبر ، جبار جوڻيجو، جمن سمون، منٺار ڇڇر، سرواڻ مگسي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.