بکن ۾ پاھ متاثرن آصفه ڀٽو آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي) آصف ڀٽو زرداري مورو ٽينٽ سٽي ۾ پهتي، جتي بکن ۾ پاھ متاثرن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي مورو جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ساڻس گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار، نذير احمد ميمڻ، ڊي سي نوشهروفيروز، اسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ ٻيا گڏ ھئا، ان موقعي تي بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران متاثر ٿيندڙ ماڻھن کان سهولتن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنھن تي متاثرن پاران ڊي سي نوشهروفيروز خلاف شڪايتن جا انبار لڳائيندي چيو ته ھڪ ڏينھن به صحيح کاڌو مھيا نه ڪيو ويو آھي نه ئي وري کين راشن يا ٽينٽ مھيا ڪيا ويا آھن، بي بي آصفه ڀٽو زرداري سڀني معاملن جو جائزو وٺڻ بعد مورو کان ٻانڌي جي طرف روانو ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.