شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ جي گرلس ڪاليج ۾ پناهه ورتل ٻوڏ متاثرن جي واهر نٿي، عورتن مردن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

انتظاميا الهه تلهه تباهه ٿي وڃڻ سبب مختلف علائقن کان پهتل ٻوڏ متاثرن جي رهائش سميت کاڌي پيتي جو انتظام نه ڪري سگهي، متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن

ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن گل محمد، ذوالفقار، مسمات شازيا، شبيران ۽ ٻين چيو برساتي ٻوڏ ۾ اسان جا گهر ۽ مال متاح ٻڏي لڙهي ويو، سر بچائي نڪتا آهيون حڪومت ڪا به مدد نٿي ڪري.

هنن چيو ته هن وقت تائين رهائش سميت کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، اسڪول مان اٿاريو پيو وڃي، اڳي ئي دربدر آهيون، اسڪول مان نڪتاسين ته ڪيڏانهن وينداسين

متاثرن حڪومت ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آهي، رهائش جو بندوبست ڪري کاڌي پيتي جي سهولت ڏئي زندگيون بچايون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.