شهدادڪوٽ ۾ شهيد ڀُٽو پاران چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس خلاف ريلي

شهداڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀُٽو پاران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

ڪارڪنن ڪامريڊ منير بروهي جي اڳواڻي ۾ پارٽي جا جهنڊا کڻي شهر جو گشت ڪندي نعريبازي ڪئي، ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀُٽو اڳواڻ جي نياڻي کي نانگ ڪکڻ سبب چانڊڪا اسپتال نيو ويو، وقت سر علاج نه ڪرڻ تي نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي

هنن چيو ته اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هئڻ باوجود نانگ ڪکڻ جي ويڪسين به ناهي، ايم ايس گلزار تنيو ڪرپشن ڪري اسپتال جي سڄي بجيٽ هڙپ ڪري وڃي ٿو

مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس گلزار تنيو کي فوري طور تي هٽائي مٿس نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.