ميهڙ: سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو جي ٻوڏ متاثرن جي سامان سان ڀريل ڪار چوري

ميهڙ ۾ اڻڄاتل چور سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو جي ٻوڏ متاثرن جي امداد سان ڀريل ڪار چوري ڪري ويا

اِي سيڪشن ٿاڻي جي حد اياز ڪالوني مان اڻڄاتل چور سنڌو نواز گهانگهرو جي ايڪس ايل آءِ ڪار چورائي ويا جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائون، ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان پيل هو

سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ساٿين سان گڏجي اِي سيڪشن ٿاڻي تي پهتي، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي سنڌو نواز گھانگھرو، صوفي فنڪار خالد ڀٽي، شڪيل عطار ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دوائون ۽ سامان آندو پر افسوس پوليس جي نااهلي سبب اسانجي ڪار چوري ٿي وئي آهي

اڳواڻن چيو ته ٿاڻي تي گذريل هڪ ڪلاڪ کان ويٺا آهيون پر ڪير به فرياد وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي موجود ئي ناهن

هنن چيو ته ايس ايس پي سان رابطو ڪري کيس چيو آهي ته جيڪڏهن چوويهه ڪلاڪن ۾ گاڏي واپس نٿي ته ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بند ڪيو ويندو

سنڌو نواز گهانگهرو صوفي راڳي خالد ڀٽي سان گڏ ڳوٺ سلطان ڀٽي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ لاءِ ميهڙ آئي هئي ته سندس گاڏي چوري جو واقعو پيش آيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.