ٽٽل پُل جي مرمت بهاني پاڻي بند ڪري فصل تباهه ڪيا پيا وڃن: آبادگار

ڏهرڪي ۾ سنڌ دانهن فورم جي مرڪزي اڳواڻ حيدر خان شر ۽ آبادگارن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايريگيشن انجنيئر خورشيد کوکر رند مائينر وٽ ٽٽل پل جي مرمتي ڪم بهاني آبادگارن سان ناجائزيون ڪري رهيو آهي

هن چيو ته انجنيئر خورشيد کوکر هٿرادو دڪا ٺاهي پاڻي بند ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام پيو ڪري، اختياريون کيس ڪجهه چوڻ لاءِ تيار به ناهن

آبادگارن چيو ته برساتن سبب اڳ ۾ ئي ڦٽين جو فصل تباهه ٿي ويو ويتر ڏهر واھ ،نرلي مائنر ۽ نهال واھ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سارين جا فصل به سڙي تباهه ٿي رهيا آهن

پريس ڪانفرنس دوران هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي ته انجنيئر خورشيد کوکر جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.