آمريڪا جو پاڪستان کان مطالبو، چين ردعمل ڏئي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ انٽوني بلنڪن طرفان پاڪستان کي چين کان قرضن ۾ رليف وٺڻ جي تجويز تي چين ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ سان متاثر پاڪستانين جي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين.

پرڏيهي ميڊيا موجب معمول جي بريفنگ دوران چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان وينگ وين بن چيو ته جيئن ئي پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي، چين پنهنجي دوست ملڪ جي تڪڙي مدد ڪئي.

هن چيو ته چين جي حڪومت 40 ڪروڙ چيني يوآن جي انساني بنيادن تي مدد ڪئي، جڏهن ته چين جي سول سوسائٽي به امداد ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ فائديمند اقتصادي ۽ مالي سهڪار رهيو آهي، پاڪستاني عوام اها ڳالهه چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪ، چين سهڪار خلاف بنا جواز تنقيد بدران پاڪستاني عوام لاءِ حقيقي ۽ فائديمند ڪم ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان کي چيو آهي ته اهو ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي سبب ويجهي دوست ملڪ چين کان قرضن ۾ رليف حاصل ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.