پاڪستان پنهنجي دوست چين کان قرضن ۾ رليف حاصل ڪري: آمريڪا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان کي چيو آهي ته اهو ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي سبب ويجهي دوست ملڪ چين کان قرضن ۾ رليف حاصل ڪري.

آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان لاءِ مضبوط آمريڪي مدد جو واعدو ڪيو آهي، جنهن جو ٽيون حصو ٻوڏ سبب پاڻي هيٺ آهي، جيڪا ايراضي سڄي برطانيا جي برابر آهي.

واشنگٽن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ انٽوني بلنڪن چيو ته اسان هڪ سادو پيغام موڪليون ٿا ته اسان پاڪستان لاءِ ائين آهيون، جيئن ماضي جي قدرتي آفتن دوران هئاسين ۽ ٻيهر تعمير جا منتظر آهيون.

هن چيو ته مان پنهنجي ساٿين تي قرضن ۾ رليف ۽ بحالي جي ڪجهه اهم معاملن تي چين کي شامل ڪرڻ لاءِ زور ته جيئن پاڪستان وڌيڪ تيزيءَ سان تباهي مان نڪري سگهي.

واضح رهي ته چين، پاڪستان جو اهم اقتصادي ۽ سياسي ڀائيوار آهي، جيڪو 54 ارب ڊالرن جي اقتصادي راهداري سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪري بيجنگ کي هندي سمنڊ تائين پهچ فراهم ٿيندي.

واشنگٽن اهي الزام هڻندو رهيو آهي ته ان منصوبي سان چين کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان غير معمولي قرضن کي منهن ڏيندو.

آمريڪا، چين کي پنهنجو وڏو مخالف سمجهي ٿو، جنهن جون ڪيتريون ئي تنبيهون پاڪستان طرفان رد ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.