انتظاميا جي غفلت، 145 عورت قيدي جيل مان فرار

هيٽي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي غلطي سبب جيل مان 145 عورت قيدي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرواداري موجب هيٽي جي جيل انتظاميا جي سربراهه پيئر ريني فرانڪوئس ٻڌايو ته جيل ۾ 230 عورت قيدين مان 145 فرار ٿي ويون آهن.

هن چيو ته ڀڄي ويل 145 مان ٽن عورت قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، ان دوران هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.