گوگل تي هيءِ شيءَ نه لکو نه ته…

ناسا پنهنجي ٻٽيهه ڪروڙ پنجاهه لک ڊالرز جي اسپيس ڪرافٽ کي هڪ فٽبال جي اسٽيڊيم جيتري پٿر تي ڪاميابي سان ٽڪرايو.

ڊارٽ اسپيس ڪرافٽ ٽيويهه هزار پنج سو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊيمورفس سان ٽڪرايو آهي.

اهو زمين کي پٿرن جي ٽڪر کان بچائڻ وارو دفاعي نظام جو پهريون تجربو هو ۽ ان موقعي تي گوگل سرچ جي هڪ دلچسپ فيچر تي به جشن ملهايو ويو.

ان مشن کي ڊارٽ جو نالو ڏنو ويو هو ۽ گوگل تي ڊارٽ پروب، ڊارٽ يا ڊبل اسٽيرائڊ ريڊائريڪشن ٽيسٽ سرچ ڪرڻ تي رزلٽس ۾ اسپيس ڪرافٽ کاٻي کان ساڄي پاسي اچي ٿو.

اتي پهي اهو غائب ٿي وڃي ٿو ۽ سرچ پيج ٿورو ٽيڏو ٿي ويندو آهي جڏهن ته ناسا جي مشن جو مقصد به اهو ئي هيو.

نومبر ٻه هزار ايڪويهه ۾ روانو ٿيندڙ مشن جو مقصد ٽڪرائڻ کانپوءِ ان پٿر جي مدار ۾ معمولي تبديلي آئي آهي.

اهو تجربو ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيندو، ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو پر ناسا پاران ان ٽڪر کي ڪامياب چيو ويو آهي.

جيستائين ناسا ان تجربي جي جاچ جي نتيجن تي پهچي تيستائين گوگل سرچ تي ان ٽِرڪ مان مزو ماڻي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.